ڇا فارن فنڊنگ جي انڪوائري تي وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي؟ سپريم ڪورٽ

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن فارن فنڊنگ ڪيس جي انڪوائري ڪري رهيو آهي ته ڇا وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي؟.

سپريم ڪورٽ ۾ وفاقي وزير خسرو بختيار کي وزير طور ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. سپريم ڪورٽ درخواستگذار احسن عابد کي ڪيس جي تياري جي مهلت ڏئي ڇڏي.

جسٽس منصور علي شاهه درخواستگذار کي چيو ته اوهان چيو ته خسروبختيار وفاقي وزير هجڻ سان گڏ شگر ملز جو مالڪ به آهي، درخواست موجب شگر ملز تي نيب انڪوائري هلي رهي آهي، ڪهڙو قانون چوي ٿو ته وفاقي وزير تي انڪوائري شروع ٿئي ته عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي؟ اوهان نيب قانون يا آئين جي حوالي سان اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکاريو ته وفاقي وزير جو انڪوائري جي صورت ۾ استعيفيٰ ڏيڻ ضروري آهي.

درخواستگذار احسن عابد چيو ته روپا ايڪٽ چوي ٿو ته پبلڪ آفيس هولڊر امين هجڻ گھرجي.

Read Previous

مخالف ڌر پيٽرول اگھن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

Read Next

بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪندڙ پاڪستاني بڻجي ويو

Most Popular