مخالف ڌر پيٽرول اگھن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

مخالف ڌر اڳواڻن حڪومت طرفان پيٽرول شين جي اگھن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پيٽرول شين جي اگھن ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پيٽرول شين جي اگھن ۾ واڌ جو مطلب اٽو، کنڊ ۽ بجلي مهانگي ڪرڻ آهي.

هن چيو ته ظالم حڪمرانن کان مهانگائي جو ظلم ڪرڻ جو اختيار کسڻو پوندو.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام تاريخي مهانگائي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، پيٽرول جي اگھن ۾ وڌيڪ واڌ ٽانڊن کي هوا ڏيڻ جي برابر آهي، ملڪ ۾ لٽ مار سيل جاري آهي.

جماعت اسلامي ۽ اي اين پي به پيٽرول شين جي اگھن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

ڪورونا کان پوءِ ڪعبي جي ٻاهرين اڱڻ تي پهريون ڀيرو نماز ادا ڪئي ويندي

Read Next

ڇا فارن فنڊنگ جي انڪوائري تي وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي؟ سپريم ڪورٽ

Most Popular