”پينڊورا پيپرز“ تي حڪومت جو ردعمل سامهون اچي ويو

دنيا جي اهم شخصيتن جي ڳجهي مالياتي معاملن تي وڏي عالمي جاچ ”پينڊورا پيپرز“ تي حڪومت جو ردعمل سامهون اچي ويو.

انٽرنيشنل ڪنسورشيئم آف انويسٽيگيٽو جرنلسٽس (آءِ سي آءِ جي) موجب پينڊورا پيپرز ڪنسورشيم هيل تائين جو سڀ کان وڏو معاشي راز آهي، جيڪو پاناما پيپرز سان به جڙيل آهي، جنهن سڄي دنيا ۾ خطري جون گهنٽيون وڄائي ڇڏيون آهن.

پينڊورا پيپرز هڪ ڪروڙ 19 لک فائلن تي ٻڌل آهي ۽ جاچ ۾ دنيا جي 117 ملڪن جي 150 ميڊيا ادارن جي 600 کان وڌيڪ رپورٽرن حصو ورتو.

ناليواري شخصيتن جي مالي معاملن تي ٻڌل پينڊورا پيپرز ۾ پاناما پيپرز کان وڌيڪ پاڪستانين جا نالا شامل آهن.

ان حوالي سان سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ”پينڊورا پيپرز“ سان وزيراعظم عمران خان جي موقف کي وڌيڪ هٿي ملندي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته پاناما پيپرز ۾ انتهائي ڪرپٽ ماڻهن جي پرڏيهي اثاثن جو انڪشاف ٿيو هو، هاڻ انٽرنيشنل ڪنسورشيم آف انويسٽيگيٽو جرنلسٽس (آءِ سي آءِ جي) جي هڪ ٻي جاچ سامهون اچي رهي آهي.

Read Previous

واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ نئون پرائيويسي فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

Read Next

دهشتگردن جو علاج رڳو نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرائڻ آهي: آصف زرداري

Most Popular