دهشتگردن جو علاج رڳو نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرائڻ آهي: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگردن جو علاج رڳو نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرائڻ آهي.

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙن جو علاج دهشتگردي جي نرسرين کي ڪيرائڻ آهي، دهشتگردن جو علاج رڳو نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرائڻ آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دهشتگردن کي وطن دشمن سمجهي انهن کي منهن ڏنو وڃي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن  اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي ۾ 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

Read Previous

”پينڊورا پيپرز“ تي حڪومت جو ردعمل سامهون اچي ويو

Read Next

ذبيح الله مجاهد جي ماءُ جي فاتحه خواني دوران ڌماڪو، ڪيترائي مارجي ويا

Most Popular