![](https://dailyaas.com.pk/wp-content/uploads/2021/10/Babar-Azam-1.png)
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سڀني کي پوئتي ڇڏيندي هڪ ٻيو عالمي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
نوجوان بيٽسمين بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ تيز ترين 7 هزار رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو آهي، اهڙو ڪارنامو هن راولپنڊي ۾ جاري نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ دوران انجام ڏنو.
بابر اعظم 7 هزار رنسون 187 اننگز ۾ مڪمل ڪيون، جڏهن ته اڳ ۾ اهو رڪارڊ ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل وٽ هو، جنهن 192 اننگز ۾ 7 هزار رنسون ٺاهيون هيون.