نوشهروفيروز: ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ نوشهروفيروز جي عدالت ۾ ٿي عدالت ۾ ڪيس جي هڪ جوابدار عورت سلما کوکر جي ضمانت واري درخواست ڏنل هئي

نوشهروفيروز ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ نوشهروفيروز جي عدالت ۾ ٿي عدالت ۾ ڪيس جي هڪ جوابدار عورت سلما کوکر جي ضمانت واري درخواست ڏنل هئي جوابدار ڌر جو ڪوبه وڪيل پيش نه ٿيڻ ڪري ڪيس جي ٻڌڻي هاڻي 16 آڪٽوبر تي ٿيندي ان سلسلي ۾ مقتول ايم پي اي شهناز انصاري جي ڌيءُ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر ڊاڪٽر فاطمه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار ڌر ڪيس کي ڊلي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن پر اسان کي عدالت تي پورو يقين آهي ته منهنجي شهيد امڙ شهناز انصاري جي ڪيس ۾ انصاف ملندو هن چيو ته هڪ جوابدار صديق کوکر جيڪو حرانسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي مختلف طريقن سان ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء دٻاءُ وجهي رهيو آهي پر اسين ڪنهن جي به ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون امڙ جي بيگناهه ٿيل خون جو قانوني طريقي سان انصاف وٺندس

Read Previous

آريان جي واٽس ايپ مان اهم شاهديون هٿ، چيٽ ليڪ

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ شير محمد ڀٽو جي رهواسي عورتن طرفان پاڪ ڪتاب کڻي سيوهڻ پوليس هٿان مبينا کنڀي گم

Most Popular