لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ شير محمد ڀٽو جي رهواسي عورتن طرفان پاڪ ڪتاب کڻي سيوهڻ پوليس هٿان مبينا کنڀي گم

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ شير محمد ڀٽو جي رهواسي عورتن طرفان پاڪ ڪتاب کڻي سيوهڻ پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل ڪار ڊرائيور پورهيت شير محمد ڀٽو جي آزاديءَ لاءِ نيشنل پريس ڪلب اڳيان پنهنجي مردن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مبينا گرفتار ڊرائيور جي ڀيڻ جنت خاتون پنهنجي ڀاڄائي جانل، ڀائٽن صابر حسين، بابر حسين ڀٽو ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيو ته منهنجو ڀاءُ شير محمد ڀٽو لاڙڪاڻي واسي ڪارن جي شورو مالڪ اعجاز شيخ وٽ ڪيترن ئي سالن کان ڊرائيور طور ملازمت ڪري لاڙڪاڻي کان ڪراچي ڪار هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهي جيڪو 9 سيپٽمبر جي ڏينهن ڪراچي مان ڪار ذريعي لاڙڪاڻي اچي رهيو هو ته سيوهڻ پوليس سان واسطو رکندڙ ڊي ايس پي پنهنجي سادن ڪپڙا پهريل ٽن اهلڪارن سان گڏجي کيس روڪي بعد ۾ ڪار ڦر ڪري ڀاءُ جا هٿ پير ٻڌي سيوهڻ شهر جا چڪر ڏيارڻ بعد ٽول پلازه ويجهو پاڻي جي کڏ ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا جنهن تي ڀاءُ حد جي سيوهڻ ٿاڻي تي پهچي ڊي ايس پي ۽ ان جي ٻين ساٿين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ پئي چاهيو پر سيوهڻ پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ بجاءِ ڀاءُ کي گرفتار ڪرڻ بعد لاڪپ ڪري ڇڏيو جنهن سان اسان سيوهڻ ٿاڻي تي ملاقات به ڪئي پر گذريل 13 ڏينهن کان مسلسل اسان کي ڀاءُ سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي ڪيترائي ڀيرا سيوهڻ ڪرايا ڀاڙا ڪري ويا آهن خبر ناهي ته ڀاءُ ڪهڙي حال آهي ۽ خدشو آهي ته سيوهڻ پوليس ڀاءُ کي فل فراءِ يا فراءِ ڪندي جنهن جي حياتي کي پڻ خطرو آهي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس ايس پي ڄامشوري کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ کي آزاد ڪرائي سيوهڻ پوليس جي ڊي ايس پي ۽ ٻين اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري ڦر ڪيل ڪار واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

نوشهروفيروز: ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ نوشهروفيروز جي عدالت ۾ ٿي عدالت ۾ ڪيس جي هڪ جوابدار عورت سلما کوکر جي ضمانت واري درخواست ڏنل هئي

Read Next

سجاول ۾ وڏي وزير جي حڪم تي صوبائي وزيرن جي کلي ڪچهري بدنظمي جو شڪار

Most Popular