ڊبليو ايڇ او ٻارن لاءِ مليريا جي پهرين ويڪسين جي منظوري ڏئي ڇڏي

صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ٻارن لاءِ مليريا جي پهرين ويڪسين جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ڊبليو ايڇ او ٻارن لاءِ آر ٽي ايس، ايس/اي ايس 01 مليريا ويڪسين جي منظوري ڏني آهي.

عالمي اداري جي منظوري کانپوءِ اها مڇر سان پکڙجندڙ بيماري مليريا جي پهرين ويڪسين آهي، جيڪا مليريا روڪ لاءِ استعمال ٿيندي.

رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ مليريا سبب هر سال 4 لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن.

ڊبليو ايڇ او سربراهه تيدروس ايدهانوم جو چوڻ آهي ته مليريا جي پهرين ويڪسين جي سڄي دنيا ۾ وڏي پئماني تي استعمال جي منظوري ڏني وئي اهي.

Read Previous

نيب کان سزا ماڻيندڙ ملازم عهدن تان فارغ

Read Next

پاڪ – انگلينڊ سيريز رد ٿيڻ جي تڪرار انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين کي لوڙهي ڇڏيو

Most Popular