نيب کان سزا ماڻيندڙ ملازم عهدن تان فارغ

قومي احتساب بيورو (نيب) کان سزا ماڻيندڙ يا ضمانت تي آزاد ملازمن کي عهدن تان فارغ ڪيو ويو.

نيب کان سزا ماڻيندڙ يا ضمانت تي آزاد ملازمن خلاف اهم ڪارروائي  عمل ۾ آندي وئي آهي، بورڊ آف ريونيو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي نيب ڪيسن ۾ سزا ماڻيل يا ضمانت تي آزاد ملازمن کي عهدن تان فارغ ڪري ڇڏيو.

بورڊ آف ريونيو عهدن تان فارغ ڪيل ملازمن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، سزا ماڻيندڙ يا ضمانت تي آزاد آفيسر مختيارڪار، رجسٽرار ۽ ٻين عهدن تي مقرر هئا.

عهدن تان فارغ ڪيل ملازمن کي بورڊ آف ريونيو ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، انهن ملازمن جو انگ 15 آهي، جن ۾ گريڊ 9 کان گريڊ 16 تائين جا ملازم شامل آهن.

عهدن تان هٽايل ملازمن جو واسطو  جيڪب آباد، سانگهڙ، ڪراچي، شڪارپور ۽ ڄامشوري سان آهي، انهن مان 4 آفيسرن جو واسطو ڪراچي سان آهي، جڏهن ته هٽايلن مان 3 آفيسر هن وقت قيد ۾ آهن .

Read Previous

نيويارڪ ۾ مبينا پراپرٽي جي جاچ، آصف زرداري جي ضمانت ۾ واڌ

Read Next

ڊبليو ايڇ او ٻارن لاءِ مليريا جي پهرين ويڪسين جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular