آءِ ايم ايف پاڪستان کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

آئي ايم ايف

آءِ ايم ايف پاڪستان کان بجلي جي قيمت، انڪم ۽ سيلز ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽيز وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي جي حوالي سان وڌيڪ ٽيڪس قدم کڻي ته جيئن ساليانو حدف 58 کرب رپين کان وڌيڪ 63 کرب رپيا ٿي وڃي.

آءِ ايم ايف جو اهو مطالبو ورچوئل ڳالهائين دوران سامهون آيو آهي جتي هلندڙ مالي سال دوران 600 ارب رپيا پيٽرول ليوي جمع نه ٿي سگھي آهي.

ذريعن جو چوڻ هو ته حڪومت کي ايف بي آر جي حوالي سان واڌو ريونيو قدم کڻڻا پوندا، آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته بجلي ٽيرف جي بينادي قيمت ۾ هڪ رپيو 40 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وڃي ته جيئن وڏي گردشي قرض تي ضابطو آڻي سگھجي.

پاڪستاني اختيارين بجلي ٽيرف ۾ 6 ماهي تبديليون ڪري چڪا آهن پر جيڪڏهن بنيادي ٽيرف ۾ اضافو نه ٿيو ته ڊپ آهي ته گردشي قرض مئنيجمينٽ پلان (سي ڊي ايم پي) کي حتمي شڪل نه ڏئي سگھبي.

اعليٰ اختيارين تصديق ڪئي آهي ته ڳالهيون جاري آهن ۽ ڳالهين تي اتفاق راءِ ڪري وٺنداسين جنهن ۾ ايف بي آر جو هدف 58 کرب رپين کان وڌائي 63 کرب رپيا ڪري سگھجي ٿو.

Read Previous

مهانگائي سٽيل عوام لاءِ بري خبر، بجلي وري مهانگي

Read Next

پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خودمختيار افغانستان چاهي ٿو: قومي سلامتي ڪميٽي

Most Popular