پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خودمختيار افغانستان چاهي ٿو: قومي سلامتي ڪميٽي

عمران خان

قومي سلامتي ڪميٽي چيو آهي ته پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خود مختيار افغانستان چاهي ٿو.

قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ٽنهي فوجن جي سربراهن ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ شرڪت ڪئي.

ان کانسواءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گھرو وزير شيخ رشيد، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ، اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري، ناڻي واري وزير شوڪت ترين ۽ قومي سلامتي بابت خاص مددگار معيد يوسف به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم افغانستان جي صورتحال بابت مضبوط پاليسي جي ڪوششن تي زور ڏنو ۽ افغانستان ۾ حڪومت جي مختلف ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خاص سيل قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پڌرائي ۾ چيو ويو ته خصوصي سيل افغانستان لاءِ انساني امداد جي عالمي رابطن ۾ ڪردار ادا ڪندو، خصوصي سيل اثرائتي بارڊر مئنيجمينٽ ۽ ڪنهن به منفي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪندو.

Read Previous

آءِ ايم ايف پاڪستان کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

کنڊ جي قيمت 89 رپيا 75 پيسا مقرر ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular