دوحا ڳالهيون شروع، طالبان جو آمريڪا کان منجمد اثاثا بحال ڪرڻ جو مطالبو

افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ آمريڪا ۽ طالبان ۾ پهريون ڀيرو قطر جي تخت گاهه دوحا ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون.

گذريل ڏينهن طالبان وفد افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي جي قيادت ۾ دوحا روانو ٿيو هو.

افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ آمريڪا ۽ طالبان ۾ پهريون ڀيرو ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، اهي ڳالهيون ٻن ڏينهن تائين جاري رهنديون.

ان حوالي سان افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي جو چوڻ هو ته آمريڪي وفد سان لاڳاپن جي نئين شروعات تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جڏهن ته افغان مرڪزي بئنڪ جي منجمد اثاثن تان پابندي هٽائڻ جو به چيو آهي.

هن چيو ته آمريڪي وفد سان انساني امداد جاري رکڻ ۽ دوحا معاهدي جي پاسداري تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته ڳالهين ۾ افغانستان جي علاقائي سلامتي جو احترام ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.

Read Previous

حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ جو فيصلو، پي ڊي ايم جو اهم سربراهي اجلاس سڀاڻي ٿيندو

Read Next

”شعيب ملڪ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو“

Most Popular