حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ جو فيصلو، پي ڊي ايم جو اهم سربراهي اجلاس سڀاڻي ٿيندو

مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو اهم سربراهي اجلاس سڀاڻي ٿيندو.

پي ڊي ايم جو اهم سربراهي اجلاس سڀاڻي اسلام آباد ۾  ٿيندو، جنهن جي صدارت مولانا فضل الرحمان ڪندو، جڏهن ته اجلاس ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل سڀني جماعتن جا سربراهه شرڪت ڪندا.

پي ڊي ايم اجلاس گهرائڻ لاءِ فضل الرحمان اهم اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان حڪومت کي هر محاذ تي ٽف ٽائم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن موجب پي ڊي ايم اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجلاس جي تجويزن تي غور ڪيو ويندو ۽ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جي معاملن تي به حتمي راءِ ورتي ويندي.

Read Previous

ڊاڪٽر عبدالقدير خان سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي

Read Next

دوحا ڳالهيون شروع، طالبان جو آمريڪا کان منجمد اثاثا بحال ڪرڻ جو مطالبو

Most Popular