ھڪ طرف سنڌ حڪومت ڪي بہ ترقياتي ڪم ناھن ڪرايا تہ ٻئي طرف وري چونڊيل نمائندن بہ پنھنجي تڪ جي عوام کي وساري ڇڏي

ٺٽو(سيد تنوير لڪياري)پي ٽي آئي ضلعي ٺٽي جي صدر رئيس ارسلان بروهي چيو ته ھڪ طرف سنڌ حڪومت ڪي بہ ترقياتي ڪم ناھن ڪرايا تہ ٻئي طرف وري چونڊيل نمائندن بہ پنھنجي تڪ جي عوام کي وساري ڇڏيو آھي، عوام کي گھرجي تہ ھاڻي ووٽ جو صحيح استعمال، جيئن سٺا نمائندن اسيمبلين ۾ موڪلين جيڪي سندن مالڪي ڪري سندن مسئلا بنا فرق جي حل ڪرائي سگھن، اسان جو جھڙو حال آهي ضلعي جي عوام سان گڏ آھيون ۽ جيترو ٿي سگھيو عوام جا مسئلا حل ڪندا رھنداسين. ھن اھي ڳالھيون غلام اللہ شھر ۾ شھرين پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيون. رئيس ارسلان خان بروھي چيو تہ وفاقي سرڪار تي صوبن جو پريشر آھي تہ قرض کڻي پر وزيراعظم عمران خان قرض کڻڻ نٿو چاهي، جنھن سبب مھنگائي ۾ اضافو ٿيو آھي، ھن چيو تہ ملڪ مٿان اڳوڻين حڪومتن جا وڏا قرض مڙھيل آهن، جن ملڪ کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي، جن قرضن کي ختم ڪرڻ ۾ بہ وقت لڳندو. ھن چيو آهي ته سنڌ ۾ بھتر نمائندن کي آڻڻ جي سخت ضرورت آھي، ھن وقت سنڌ کنڊر بڻجي چڪي آھي، جنھن کي سڌرڻ ۾ وقت لڳندو. ھن چيو آهي ته جيڪي ڪم چونڊيل نمائندن کي ڪرڻا آهن اھي ھاڻي پي ٽي آئي ڪري رھي آھي. ھن چيو ته احساس ڪفالت ۾ ٺٽي ضلعي جي رجسٽريشن وڏي آهي، جنھن مان غريب عورتن کي فائدو ملي رھيو آھي، ھن چيو تہ ھو غلام اللہ واسين جو ٿورائتو آھي، ھن چيو تہ غلام اللہ شھر واسي اونداھ ۾ ٻڏل ھئا جن کي بجلي جو ٽرانسفارمر لڳرائي انھن کي اونداھ مان نجات ڏياري آھي. آجياڻي تقريب کي پي ٽي آئي اڳواڻ جاويد رند، ھوش محمد عباسي، شھناز بلوچ، اورنگزيب رند، قادربخش ميمڻ، سليم نيازي، اسد گندرو، سمير گندرو لالا عارف کٽي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.

Read Previous

ڪورونا وائرس آئمه بيگ جي يادداشت وڃائي ڇڏي

Read Next

داعش سان مقابلي لاءِ طالبان اڪيلو ۽ بهترين آپشن آهي: وزيراعظم

Most Popular