داعش سان مقابلي لاءِ طالبان اڪيلو ۽ بهترين آپشن آهي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته داعش مان ڇوٽڪاري لاءِ طالبان واحد ۽ بهترين آپشن آهي، دنيا کي هر صورت ۾ افغان حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ تي سرحدي علائقن ۾ پشتون اسان جي خلاف ٿيا، انهن رياست تي حملا شروع ڪيا ۽ پاڻ کي پاڪستاني طالبان قرار ڏنو.

هن چيو افغانستان ۾ گهرو ويڙهه سان ڏاڍي تباهي ٿي آهي پر افغان طالبان اسان کي خاطري ڪرائي آهي ته ان جي سرزمين تان ڪنهن کي به پاڪستان تي حملي جي اجازت نه ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته هاڻ آمريڪا علائقي مان نڪري ويو آهي، اسان اتحادي ناهيون رهيا، پشتونن سان ويڙهه ۾ اسان ڪنهن جو ساٿ نه پيا ڏيون، ان جي جارحيت به گهٽ ٿي وئي.

وزيراعظم چيو ته ٺاهه جون ڳالهيون انهن سان ڪري رهيا آهيون، جيڪي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جيڪي نه مڃيندا، حڪومت انهن خلاف ڪارروائي ڪندي.

عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته افغانستان ۾ اتحادين جون سموريون ڪوششون ضايع ٿي وينديون.

Read Previous

ھڪ طرف سنڌ حڪومت ڪي بہ ترقياتي ڪم ناھن ڪرايا تہ ٻئي طرف وري چونڊيل نمائندن بہ پنھنجي تڪ جي عوام کي وساري ڇڏي

Read Next

بختاور پٽ کي جنم ڏئي ڇڏيو، آصف زرداري نانو ۽ بلاول مامو بڻجي ويو

Most Popular