آريان جي گرفتاري، ”شاهه رخ خان به معافي گهري“؟

تڪراري بيانن جي ڪري خبرن ۾ رهندڙ ڀارتي اداڪارا ڪنگنا رناوت باليووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان کي پٽ آريان جي گرفتاري تي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

ڪنگنا انسٽاگرام تي ناليواري هاليووڊ اداڪار جيڪي چن ۽ ان جي پُٽ جي حوالي سان هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ماضي جو واقعو ياد ڏياريون ته ڪهڙي ريت جيڪي چن پنهنجي پُٽ جيسي چن جي منشيات اسڪينڊل ۾ 2014 ۾ گرفتاري تي معافي گهري هئي.

جيسي چن کي 7 سال اڳ پوليس 100 گرام چرس پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ رکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو هو.

پُٽ جي گرفتاري کانپوءِ جيڪي چن سوشل ميڊيا تي جاري پيغام ۾لکيو ته هڪ عوامي شخصيت هجڻ جي ڪري ڏکارو آهيان، پُٽ جي تربيت صحيح نه ڪرڻ تي شرمندا آهيان، ان جي ماءُ به گهري ڏک جو شڪار آهي ۽ مان ان معاملي تي معافي گهران ٿو.

ڪنگنا اسٽوري سان گڏ هڪ هيش ٽيگ استعمال ڪيو جنهن سان ظاهري طور ته ائين ٿو لڳي ته هوءَ شاهه رخ خان کي پُٽ جي اهڙي حرڪت تي معافي گهرڻ جو مشورو ڏئي رهي آهي.

Read Previous

مينارِ پاڪستان واقعي ۾ نئون رُخ، عائشا ۽ ريمبو جي مبينا آڊيو گفتگو سامهون اچي وئي

Read Next

يمني شهر عدن جي گورنر تي قاتلاڻو حملو، 5 ڄڻا مارجي ويا

Most Popular