مينارِ پاڪستان واقعي ۾ نئون رُخ، عائشا ۽ ريمبو جي مبينا آڊيو گفتگو سامهون اچي وئي

مينارِ پاڪستان تي عورت ٽڪ ٽاڪر کي بي لباس ڪرڻ جي ڪيس ۾ نئين اڳڀرائي ٿي آهي.

گريٽر اقبال پارڪ ۾ هجوم هٿان هراسان ٿيندڙ عائشا اڪرم ۽ سندس ساٿي ريمبو جي هڪ مبينا آڊيو ٽيپ سامهون آئي آهي.

ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن شارق جمال موجب مبينا آڊيو رڪارڊنگ قبضي ۾ ورتل ريمبو جي فون مان ملي آهي، فون ڪال جي رڪارڊنگ کي ڪيس جو حصو بڻائي رهيا آهيون ۽ ڪال جو جائزو وٺي رهيا آهيون.

آڊيو رڪارڊنگ موجب عائشا اڪرم ۽ ريمبو ۾ جوابدارن جي رهائي بدلي رقم وٺڻ جي منصوبابندي ٿي.

مبينا آڊيو ڊيپ ۾ عائشا اڪرم ۽ ريمبو هڪٻئي سان ڳالهائيندي چون ٿا ته جوابدار 6 آهن يا 7، عائشا ريمبو کي چئي ٿي ته 6 جوابدار آهن، جن کي سڃاتو آهي.

ريمبو عائشا کي چئي ٿو ته في مجرم ڪيترا پئسا وٺون؟ گهڻا ته غريب آهن، جنهن تي عائشا جواب ڏئي ٿي ته اهي ماڻهو ڏکيائين سان 5-5 لک گڏ ڪندا.

ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن جو چوڻ آهي ته ريمبو 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي آهي ۽ ان دوران ڪيس جا ڪافي تفصيل سامهون آيا آهن.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم کي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام ۾ ريمبو کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته ريمبو به عائشا تي الزام هنيو هو ته هوءَ جوابدارن کان رقم جو مطالبو ڪري رهي هئي.

Read Previous

حڪومت جو ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ جو اعلان

Read Next

آريان جي گرفتاري، ”شاهه رخ خان به معافي گهري“؟

Most Popular