سنڌ ۾ ٻارن کي ارڙيءَ کان بچائڻ لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي مهم هلائڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ ارڙيءَ سبب 38 ٻارن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ صوبائي حڪومت سڄي سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک ٻارن کي ارڙيءَ کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ڪراچي ۾ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر جمن خان، حفاظتي ٽڪن جي پروگرام ڊائريڪٽر ارشاد ميمڻ، ڊاڪٽر احمد علي سميت صحت ماهرن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.

ان موقعي تي حفاظتي ٽڪن بابت پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ارشاد ميمڻ ٻڌايو ته هلندڙ سال ارڙيءَ سان 2489 ٻار متاثر ۽ 38 فوت ٿيا، هلندڙ سال روبيلا جا 117 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن سبب سڄي سنڌ ۾ 15 نومبر کان ارڙي ۽ روبيلا کان بچاءَ جي قومي مهم شروع ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته اها دنيا جي سڀ کان وڏي مهم هوندي، 27 نومبر تائين جاري رهندڙ ان مهم ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک ٻارن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، 80 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جي خوراڪ به ڏني ويندي، ان ۾ 15200 کان وڌيڪ ٽيمون فڪسڊ آهن، جيڪي عارضي ۽ موبائل ٽيم تحت ڪم ڪنديون.

سندس چوڻ هو ته 60 سيڪڙو ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ لاءِ تعليم کاتي سان ڀائيواري ڪئي آهي، والدين کي اسڪول انتظاميا طرفان خط موڪليا ويا آهن.

Read Previous

ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي: فواد چوڌري

Read Next

پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار اوچتو سست ڇو ٿي وئي؟ اهم خبر

Most Popular