ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي: فواد چوڌري

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ اٿارٽي وزيراعظم آهي، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ قانوني طريقي ڪار اختيار ڪيو ويندو.

وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان جي ملٽري ۽ سول قيادت ۾ سٺا لاڳاپا آهن، گذريل رات وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ ڊگهي ملاقات ٿي، ڪڏهن به وزيراعظم آفيس اهڙو قدم نه کڻندي، جنهن سان فوج جي سپهه سالار جي عزت گهٽجي.

هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ قانوني طريقي ڪار اختيار ڪيو ويندو ۽ سمورا آئيني ۽ قانوني تقاضا پورا ڪيا ويندا.

Read Previous

پيءَ جي لاڏاڻي تي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جو قانون عجيب آهي: چيف جسٽس

Read Next

سنڌ ۾ ٻارن کي ارڙيءَ کان بچائڻ لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي مهم هلائڻ جو فيصلو

Most Popular