پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ڄامشوري جي صدر سيد آصف علي شاھ سبزواري سيد ھائوس تان ورڪرن سان گڏجاڻي کان پوء پريس بيان جاري ڪندي

ٿاڻو بولا خان (رپورٽ راشد نواز منڱڻهار) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ڄامشوري جي صدر سيد آصف علي شاھ سبزواري سيد ھائوس تان ورڪرن سان گڏجاڻي کان پوء پريس بيان جاري ڪندي چيو ته ڪارساز جي شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ 17 آڪٽوبر ڪراچي ۾ رٿيل پ پ پ جي جلسي ۾ پ پ پ ڄامشورو جا ورڪر جيالا ڀرپور نموني شرڪت ڪندا جيالا 17 آڪٽوبر تي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاء ڀرپور تياريون ڪن سڄي ضلعي مان جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاء قافلا نڪرندا ھن وڌيڪ ضلعو ڄامشورو پاڪستان پيپلز پارٽي جو قلعو آھي ڄامشوري ضلعي جي ورڪرن سدائين پارٽي سان نڀايو آھي اسين شھيدن جا سپاھي آھيون ڪارساز جي شھيد جيالن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھر حڪم کي لبيڪ چئون ٿا ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته ڀٽو خاندان جون ھن ملڪ لاء عظيم قربانيون ڏنيون آھن ڳڙھي خدا بخش ڀٽو جي شھيدن جي قربانين کي ڪير وساري نٿو سگھي جيترون قربانيون ڀٽو خاندان عوام لاء ڏنيون آھن پاڪستان جي تاريخ ۾ اھڙيون قربانيون ڪنھن به ناھن ڏنيون بلاول ڀٽو زرداري شھيد راڻي جي نشاني آھي ايندڙ ملڪ جو وزير اعظم ڀٽو ڀٽو ٿيندو پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد جماعت آھي جيڪا غريب بي پھچ بي روزگارن جي ترجماني ڪري ٿي انشا الله تعالي ايندڙ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي ھوندي نيازي سرڪار پنھنجي نااھل حڪمراني سان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي عوام تبديلي سرڪار مان بيزار ٿي چڪو آھي

Read Previous

سنڪراپ ڪمپني پاران هارين ۽زميدارن جي رهنمائي لائي هائي پروفائل فيلڊ جي نالي سان ميرپوربٺھورو لڳ ڳوٺ مريدجاڙيجو ۾ سمينارجو اهتمام ڪيو ويو

Read Next

ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ سراج دراني جي گرفتاري لاءِ نيب جو سندس گهر تي ڇاپو

Most Popular