ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ سراج دراني جي گرفتاري لاءِ نيب جو سندس گهر تي ڇاپو

قومي احتساب بيورو (نيب) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ سندس گهر تي ڇاپو هنيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ آغا سراج دراني جي گرفتاري لاءِ نيب ٽيم سندس رهائشگاهه تي پهتي.

هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سراج دراني سميت 9 جوابدارن جي ضمانت جي درخواست رد ڪرڻ جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

16 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلو جسٽس اقبال ڪلهوڙي لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آغا سراج دراني جي آمدني ۽ اثاثن ۾ فرق دستاويزن مان به ظاهر ٿئي ٿو.

Read Previous

پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ڄامشوري جي صدر سيد آصف علي شاھ سبزواري سيد ھائوس تان ورڪرن سان گڏجاڻي کان پوء پريس بيان جاري ڪندي

Read Next

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ به ”رحمت اللعالين صه“ ڏهاڪو ملهائڻ جو فيصلو

Most Popular