سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ به ”رحمت اللعالين صه“ ڏهاڪو ملهائڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت صوبي جي سڀني تعليمي ادارن ۾ به رحمت اللعالين صه ڏهاڪو ملهائڻ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

سنڌ جي تعليم کاتي سڀني ضلعن جي ڊائريڪٽر جنرلز کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 3 کان 13 ربيع الاول تائين رحمت اللعالين صه ڏهاڪو ملهايو ويندو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته انهن ڏينهن ۾ تعليمي ادارن ۾ سيمينار، ڪانفرنسون، نعت، قرات مقابلا ۾ ٿيندا، ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي انعام ڏنا ويندا.

خط موجب عالمن جي تقريرن ۽ تحريرن تي به زور ڏنو ويندو، تقريرن ۽ تحريرن جو موضوع سيرت، مذهبي هم آهنگي هوندو، ان دوران ڪورونا ايس او پيز تي به مڪمل عمل ڪيو ويندو.

Read Previous

ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ سراج دراني جي گرفتاري لاءِ نيب جو سندس گهر تي ڇاپو

Read Next

لياري گينگ وار جي جوابدار تي جيل ۾ تشدد، ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم

Most Popular