پيٽرول شين جي اگھن ۾ واڌ جو امڪان

سڀاڻي کان پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب اوگرا پيٽرول شين جي اگھن ۾ ڦير ڦار جي سمري پيٽرول ڊويزن کي موڪلي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا طرفان پيٽرول جي قيمت 5 رپيا 90 پيسا في ليٽر تائين وڌائڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي.

ان کانسواءِ اوگرا ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر پوڻا 10 رپين تائين واڌ جي تجويز ڏني آهي.

واضح رهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ حتمي ڦير ڦار ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت بعد ڪندي.

Read Previous

عورت کي نانگ کان ڏنگرائي مارڻ جو جوابدار مڙس نڪتو

Read Next

حڪومت بجلي وري مهانگي ڪري ڇڏي

Most Popular