عورت کي نانگ کان ڏنگرائي مارڻ جو جوابدار مڙس نڪتو

پئسي جي لالچ ته اسان سڀني ٻڌي آهي پر اهڙي لالچ شايد اڳ نه ٻڌي هجي جو ڪير پنهنجي گهرواري کي پئسي جي لالچ جي ڪري نانگ کان ڏنگرائي ماري ڇڏي.

پئسي جي لالچ ۾ اچي گهرواري کي نانگ کان ڏنگرائي قتل ڪرڻ وارو جوابدار سندس ئي مڙس قرار ڏنو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب رياست ڪيرالا جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ سومر جي ڏينهن قتل ڪيس ۾ 28 سالن جي سورج ايس ڪمار کي پنهنجي گهرواري کي ڪوبرا نانگ کان ڏنگرائي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ جوابدار قرار ڏنو.

ميڊيا موجب سزا جو اعلان 13 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو جڏهن ته جوابدار کي شيطاني نوعيت جو ڏوهه ڪرڻ تي موت جي سزا جو مطالبو ڪيو ويو آهي،

واضح رهي ته اهو واقعو 7 مئي 2020 تي پيش آيو جڏهن اٿرا نالي عورت ڪيرالا جي ڪولام ۾ پنهنجي گهر ۾ نانگ جي ڏنگڻ جي ڪري مئل حالت ۾ هٿ ڪئي وئي هئي جنهن کانپوءِ شڪ جي بنياد تي عورت جي مڙس کي گرفتار ڪيو ويو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته موبائل فوج جي رڪارڊ سان خبر پئي ته جوابدار نانگ واري جوڳين سان رابطي ۾ هو ۽ ان پنهنجي گهرواري کي مارڻ کان اڳ انٽرنيٽ تي نانگن جون وڊيوز به ڏٺيون هيون.

پوليس جوابدار کي نانگ ڏيندڙ جوڳي کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس ٻڌايو ته ڇوري جو تعلق هڪ امير گهراڻي سان هو ۽ ان جو مڙس خانگي بينڪ ۾ ملازم هو جنهن جي آمدني جو ذريعو ڪو خاص نه هو جڏهن ته انهن جو ٻن سالن جو پُٽ به آهي.

ٻڌايو ويو ته سورج ۽ اٿرا جي شادي ۾ وڏي رقم جو ڏاج، 100 تولا سون، هڪ گاڏي ۽ 5 لک رپيا ڏنا ويا هئا، جنهن تي مڙس کي شڪ هو ته طلاق جي صورت ۾ هوءَ سڄو سامان گهر واپس کڻي ويندي جنهن جي ڪري هن پنهنجي گهرواري کي مارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ زهريلي نانگ کان ڏنگرائي انکي ماري ڇڏيو.

Read Previous

125 جي شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري، 55 جديد تبديلين سان نئون ماڊل پيش

Read Next

پيٽرول شين جي اگھن ۾ واڌ جو امڪان

Most Popular