ملڪ ۾ ساڍا 9 ڪروڙ ماڻهن جي ڪورونا ويڪسينيشن مڪمل

ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ قائم ڪيل نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) چيو آهي ته ملڪ ۾ هيل تائين ساڍا 9 ڪروڙ ماڻهن جي ڪورونا ويڪسينيشن مڪمل ٿي چڪي آهي.

اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 لک 6 هزار 248 ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين لڳائي وئي آهي.

اين سي او سي ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ هيل تائين ٽوٽل 9 ڪروڙ 54 لک 61 هزار 219 ڪورونا وائرس ويڪسين جو خوراڪون لڳايون ويون آهن.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جي شدت گھٽجي رهي آهي، ڪورونا وائرس جي ڪيسن کان پوءِ هاڻ فوتگين ۾ به گھٽتائي اچي رهي آهي، ملڪ ڪورونا وائرس جي مريضن جي حوالي جوڙيل فهرست ۾ 33 هين نمبر تي اچي ويو آهي.

Read Previous

وڏو ماڻهو انصاف نه اين آر او چاهي ٿو: وزيراعظم

Read Next

مسجد الحرام کي نمازين لاءِ مڪمل طور تي کولڻ جو فيصلو

Most Popular