وڏو ماڻهو انصاف نه اين آر او چاهي ٿو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏو ماڻهو انصاف نه اين آر او چاهي ٿو ۽ ننڍو هاري ٻاهر پيسا کڻي ناهي ويندو ڇو جو هو لنڊن ۾ فليٽ نه وٺندو.

ڪسان پورٽل جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف، انصاف جي تحريڪ هلائي، الله تعاليٰ ڪمزور ۽ محنت ڪندڙ طبقي جو آواز خاص طور تي ٻڌندو آهي، ننڍو ماڻهو انصاف جي ڳولا ۾ رهندو آهي.

هن اپوزيشن اڳواڻن تي تنقيد ڪندي چيو ته ننڍو هاري ٻاهر پيسو نه کڻي ويندو، لنڊن ۾ فليٽ نه وٺندو، وڏو ماڻهو انصاف نه اين آر او چاهي ٿو، ننڍو هاري قرض وٺڻ ويندو آهي ته ان کي گھڻو وياج ڏيڻو پوندو آهي، ننڍو هاري سڀ کان وڌيڪ محنت ڪندو آهي ۽ ڏکيائين کي به منهن ڏيندو آهي.

وزيراعظم چيو ته هاري شگر ملن جي ٻاهران لائينن ۾ بيٺا هوندا آهن، هارين کي ڪمند جي قيمت ملندي هئي، آئون سوچو ته جڏهن منهنجو وارو ايندو ته هارين کي پورو پيسو ڏياريندس.

سندس چوڻ هو ته 5 سالن کان پوءِ پاڪستان ۾ وڏا ڊيمز تعمير ٿي رهيا آهن، درياهن ۾ پاڻي برسات ۽ گليشيئرز رجڻ سان ايندو آهي، پاڻي اسٽور ڪنداسين ته هاري کي پاڻي ڏئي سگھنداسين.

هن چيو ته رپئي تي دٻاءُ عارضي آهي، اسان ڪڻڪ، کنڊ، گيهه امپورٽ ڪيو آهي، ٻاهران شيون گھرائڻ سان مهانگائي ٿيندي آهي، ڪوشش رهندي ته سموريون شيون ملڪ ۾ ٺاهيون.

Read Previous

عمران نيازي عوام ۽ پاڪستان لاءِ نه آءِ ايم ايف لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي: شهباز شريف

Read Next

ملڪ ۾ ساڍا 9 ڪروڙ ماڻهن جي ڪورونا ويڪسينيشن مڪمل

Most Popular