شهر جي گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي ڪراچي جي اين جي وي اسڪول جي ٽيسٽ پاس ڪري اسڪالر شپ لاءِ ڪواليفا ڪري ورتو.

نواب ولي محمد : شهر جي گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي ڪراچي جي اين جي وي اسڪول جي ٽيسٽ پاس ڪري اسڪالر شپ لاءِ ڪواليفا ڪري ورتو. مان ۾ تقريب..اسڪول ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين جو وڏو انگ علم جي ٻرندڙ لاٽ سان پنهنجي مستقبل لاء جاکوڙي رهيا آهن هيڊ ماستر آفتاب سومرو خبر موجب نواب ولي محمد جي ڳورنمينٽ بوائز ھا اسڪول ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻيون زير تعليم آهن پريس ڪلب نواب ولي محمد جي اڳوڻي صدر ظفر علي چانڊيو جي نياڻي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي فرحانہ چانڊيوپنھنجي محنت سان NJV اسڪول ڪراچي ۾ ٽيسٽ پاس ڪري اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ تي اسڪول ۾ تقريب رکي وئي. ۽ زبردست خراج تحسین پیش ڪيو ويو انهي موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر آفتاب سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جي استادن جي محنت ۽ عظمت سان گڏ نواب ولي محمد شهر جي عوام پڻ تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي فرحانا ھن اسڪول ۾ ڇھين ڪلاس کان اٺين ڪلاس تائين پوزيشن ھولڊر رھي آھي . اسان جي اسڪول ۽ ھن علائقي جي چانڊيا قوم جي پھرين نياڻي آھي جنھن پنھنجي قابليت ۽ اڻٿڪ محنت سان اسڪالرشپ جو امتحان پاس ڪيو آھي .

Read Previous

آريان ضمانت لاءِ گوري جي باس، مٺاڻ کائڻ ڇڏي ڏنو

Read Next

ٻچو ٻچو شاهدي ڏئي رهيو آهي ته ملڪي تاريخ جي بدترين حڪومت آئي آهي: شهباز شريف

Most Popular