ٻچو ٻچو شاهدي ڏئي رهيو آهي ته ملڪي تاريخ جي بدترين حڪومت آئي آهي: شهباز شريف

ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جو ٻچو ٻچو شاهدي ڏئي رهيو آهي ته 74 سالن ۾ بدترين حڪومت آئي آهي.

قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي شهباز شريف چيو ته هتي اسان رات ڏينهن مديني جي رياست جو ذڪر ٻڌون ٿا، ڪٿي آهي اها رياست ۽ ڪٿي آهي حڪومت؟ موجوده حڪومت ملڪ تي بار بڻجي چڪي آهي، مديني جي رياست ۾ ته ناانصافي ۽ چيلهه چٻي ڪندڙ مهانگائي نه هئي، ڪير بکيو نه سمهندو هو، ڪنهن بيواهه جو حق نه مرندو هو، بيروزگاري نه هئي.

هن چيو ته اٽو، کنڊ ۽ دال 20 هزار ماهوار ڪمائيندڙ جي پهچ کان ٻاهر ٿي وئي آهي، غريب بجلي جو بل ۽ دوائون ڪٿان آڻيندو، حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي ننهن چوٽيءَ جو زور ڏنو آهي، آءِ ايم ايف هاڻ به انهن کان راضي ناهي، الله ڄاڻي ٿو ته ان تباهيءَ جو انجام ڇا ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته جيترو غريب کي هن نقصان ماريو آهي، ايترو ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن ناهي ماريو، اسان مهانگائي خلاف سندرو ٻڌي ڇڏيو آهي، مهانگائي جي سونامي هن ڌانڌلي سٽيل حڪومت کي وهائي ويندي، اسان سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مهانگائي خلاف عوام سان گڏ بيهنداسين.

Read Previous

شهر جي گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي ڪراچي جي اين جي وي اسڪول جي ٽيسٽ پاس ڪري اسڪالر شپ لاءِ ڪواليفا ڪري ورتو.

Read Next

وزيراعظم جو عام واهپي جي شين تي ٽيڪس گهٽائڻ جو فيصلو

Most Popular