جمعيت علماء اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جو اهم اجلاس مولانا ناصر خالد محمود سومرو جي صدارت ۾ ٿي گذريو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جمعيت علماء اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جو اهم اجلاس مولانا ناصر خالد محمود سومرو جي صدارت ۾ ٿي گذريو، اجلاس جا مهمان خاص جي يو آءِ صوبه سنڌ جا جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو هيا، اجلاس ۾ چئني تعلقن جي امراء ونظماء ۽ ضلعي عامله جي ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، 2 نومبر تي مهانگائي مارچ جي حوالي سان ڪاميٽيون مقرر ڪيون ويون جيڪي پي ڊي ايم جي اڳواڻن ۽ لاڙڪاڻي جي تاجر برادري، سماجي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندي. PDMجي مرڪزي قيادت جي سڏ تي نااهل حڪمرانن خلاف لاڙڪاڻي ۾ 2 نومبر 2021 بروز اڱاري جي ڏينهن جامعه اسلاميه کان مهانگائي، بيروزگاري، بدامني، صحت، صفائي سٿرائي، گيس ۽ بجليءَ جي بحران خلاف جناح باغ چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، ان موقعي تي مولانا راشد خالد محمود سومرو ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان هميشه عالمي قوتن جي سازشن جو شڪار رهيو آهي، پاڪستان عالمي اسٽبليشمينٽ جو محور ۽ مرڪز رهيو آهي، عالمي استعمار جي ايجنٽن جي ذريعي آمريڪا ۽ اسرائيل پاڪستان جي معيشت کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿيون، ملڪ هن وقت معاشي طور تي بدحال بڻجي چڪو آهي، ، هن وڌيڪ چيو ته ملڪي حالات عنقريب تبديل ٿيندي وقت کان پهريان اليڪشن ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ملڪ جي ترقي ۽ معيشت جي بقا لاءِ ضروري آهي ته حڪمرانن کي گھر ڀيڙو ڪيو وڃي، قوم تي عذاب بڻيل نااهل حڪمرانن کي وڌيڪ مسلط ٿيڻ جو موقعو نه ڏينداسين، معاشي تباهيءَ کان بچڻ لاءِ روڊن تي نڪرڻو پوندو. ان موقعي تي مولانا ناصر خالد محمود سومرو ڳالهائيندي چيو ته نيازي حڪومت ملڪ کي معاشي قتل گاهه بڻائي ڇڏيو آهي، عوام جو جيئڻ مشڪل بڻجي چڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف عوام کي سبز باغ ڏيکاري ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سليڪٽيڊ ۽ ناجائز حڪومت جي نااهلي ڪري عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پسجي رهيو آهي، ملڪ بدترين معاشي تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ نيازي سرڪار وٽ ڪائي به پاليسي موجود ناهي، ڇو ته موجوده سليڪٽيڊ حڪومت ۾ مهانگائي روڪڻ جي صلاحيت موجود ناهي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ نااهل حڪمرانن کي اقتدار کان الڳ ڪرڻو پوندو، مهانگائي جو راڪاس عوام جو رت چوسي رهيو آهي، حڪومت جي نااهلي سبب عام واهپي جون شيون ڏينهون ڏينهن مهانگيون ٿينديون پيون وڃن، غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني لاءِ به پريشان آهن، تبديلي سرڪار جي تبديليءَ مهانگائي جي عذاب جي صورت ۾ عوام مسلسل ڀوڳي رهيو آهي، ڪٺ پتلي حڪومت غريب عوام جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ حڪمراني نالي ڪابه شيءِ نظر نٿي اچي، نااهل حڪمران اگھور ننڊ ۾ ستل آهن، سليڪٽيڊ حڪمرانن جي نالائقين جي ڪري عوام سورن ۽ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي. ان موقعي تي حافظ عبدالقادر سيال، مولانا عبدالجبار حيدري، مولانا حميدالله سيال، مولانا محمد الياس چنه، مولانا نصير احمد ڀٽو، مولانا جمال مصطفيٰ تنيو، مولانا طارق حسين پنهور، عبدالقادر چانڊيو، طارق حسين سومرو، جي ٽي آءِ صدر ثناءُ الله سيال پڻ موجود هئا.

Read Previous

لاڙڪاڻي ويجهو يونيورسٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ حمزو جتوئي واسي وقار جتوئي جي وارثن مقابلي کي جڙتو قرار

Read Next

آريان خان جي گرفتاري تي تنقيد، ڪروز شپ جو فوٽو به پوسٽ

Most Popular