لاڙڪاڻي ويجهو يونيورسٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ حمزو جتوئي واسي وقار جتوئي جي وارثن مقابلي کي جڙتو قرار

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو يونيورسٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ حمزو جتوئي واسي وقار جتوئي جي وارثن مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي الزام لڳايو آهي ته پوليس زخمي نوجوان جي ڀاءُ کي گم ڪري سندس آزادي لاءِ رشوت گهري رهي آهي. ان حوالي سان مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل نوجوان جي امڙ ميهر خاتون، ڀيڻ سنبل خاتون جتوئي ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو آهي ته ٽي ڏينهن اڳ اسان جا نوجوان وقار جتوئي ۽ عارف جتوئي درياهه جي پتڻ تي ويا هئا جتان عاقل پوليس کين گرفتار ڪري لاڪپ ڪرڻ بعد گذريل رات وقار جتوئي کي يونيورسٽي ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جن کيس جڙتو مقابلي ۾ زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته نوجوان عارف جتوئي جي آزادي لاءِ ايس ايڇ او عاقل لياقت سولنگي 2 لک روپيا رشوت طلب ڪري رهيو آهي رشوت نه ڏيڻ تان ٻئي نوجوان کي ھاف فراءِ يا فل فراءِ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جيڪا وڏي انصافي. هنن مطالبو ڪيو ته جرتو مقابلي جي جاچ ڪري گرفتار نوجوان آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

سماج سڌارڪ سنڌ جي نياڻي ڳوٺ موسا راڄپر جي سماجي رهنما روشن سائره جي بي دردي سان قتل ٿيڻ بعد سندس پٽ کي ڄار ۾ ڦآسايو ويو

Read Next

جمعيت علماء اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جو اهم اجلاس مولانا ناصر خالد محمود سومرو جي صدارت ۾ ٿي گذريو

Most Popular