خبردار! ڪورونا جو هڪ نئون ويرينٽ پاڪستان اچي ويو

پاڪستان ۾ ڪورونا جو ڪيليفورنيا ويرينٽ به اچي ويو.

ملڪ ۾ ڪورونا سان متاثر ڪيترن ئي ماڻهن ۾ ڪيليفورنيا جي ويرينٽ جي موجودگيءَ جو به انڪشاف ٿيو آهي.

ان ڏس ۾ ڪووڊ ٽاسڪ فورس جي ميمبر ڊاڪٽر جاويد اڪرم جو چوڻ هو ته تقريبن سموريون ويڪسينز ان نئين ويرينٽ خلاف اثرائتيون آهن.

هوڏانهن وفاقي وزير اسد عمر خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا جي پنجين لهر کان بچڻ لاءِ ويڪسينيشن جا هدف حاصل ڪرڻ ضروري آهي.

Read Previous

آريان خان جي گرفتاري تي تنقيد، ڪروز شپ جو فوٽو به پوسٽ

Read Next

خورشيد شاهه جي ضمانت منظور، آزادي جو حڪم

Most Popular