بالرن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي، پاڪستان 186 رنسون ٺاهڻ باوجود هارائي ويو

پاڪستان ٻي وارم اپ ميچ ۾ 186 رنسون ٺاهڻ باوجود ڏکڻ آفريقا کان هارائي ويو.

ابو ظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان اننگز جي شروعات ڪئي پر 36 جي مجموعي اسڪور تي ٻئي ترتيب وار 15 ۽ 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.

محمد حفيظ 13، شعيب ملڪ 28 ۽ آصف علي 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا پر پاڪستاني اننگز جي خاص ڳالهه فخر زمان جي بيٽنگ هئي، جنهن 5 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 52 رنسون ٺاهيون.

حسن علي 11 ۽ شاداب خان 4 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا طرفان ڪگيسو ربادا 3 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.

جواب ۾ پروٽيز گهربل هدف آخري بال تي 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

Read Previous

مهلت جي اپيل رد، اليڪشن ڪميشن جو اعظم سواتي کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

Read Next

بجلي جو جهٽڪو ڏيڻ جون تياريون

Most Popular