بجلي جو جهٽڪو ڏيڻ جون تياريون

ڪراچي ۾ بجلي جي قيمت ۾ وڏي واڌ جي تياري ڪئي پئي وڃي.

ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي في يونٽ قيمت 3 رپيا 45 پيسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.

نيشنل اليڪٽرڪ اينڊ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي اگھن ۾ واڌ سيپٽمبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گھري آهي.

نيپرا جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي 3 نومبر تي ٻڌڻي ڪئي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ واهپيدارن تي 6 ارب 64 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو.

Read Previous

بالرن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي، پاڪستان 186 رنسون ٺاهڻ باوجود هارائي ويو

Read Next

يمن جي گهرو ويڙهه ۾ هزارين گُل ڪومائجي ويا

Most Popular