گوگل ويب برائوزر استعمال ڪندڙ خبردار!

دنيا جي سڀ کان وڏي سرچ انجڻ گوگل پنهنجي ويب برائوزر گوگل ڪروم کي استعمال ڪندڙ 2 ارب کان وڌيڪ واهپيدارن کي خبردار ڪري ڇڏيو.

آمريڪي رسالي فوبز جي رپورٽ موجب گوگل وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته ڪروم تي خطرناڪ هيڪر حملو ڪري سگھن ٿا جنهن سان واهپيدار جي قيمتي ڄاڻ ليڪ ٿيڻ جو خدشو آهي.

رپورٽ موجب گوگل ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ٻڌايو هو ته برائوزر ڪروم تي انتهائي سنجيدهه نوعيت جون سيڪيورٽي خامتون سامهون آيون آهن.

اڄ گوگل پنهنجي بلاگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر انڪشاف ڪيو آهي ته ڪروم ۾ وڌيڪ سيڪيورٽي خامين ۽ پيچيدگين جو انڪشاف ٿيو آهي.

رپورٽ موجب انهن خامينمان فائدو وٺي هيڪر واهپيدارن جي قيمتي ڄاڻ تائين پهچ حاصل ڪري سگھن ٿا.

ان ڪري گوگل ڪروم واهپيدرن کي خبردار ڪيو آهي ته هو جلد کان جلد ڪروم جو جديد ترين ورجن اپڊيٽ ڪيو.

Read Previous

منشيات ڪيس ۾ اداڪارا آننيا پانڊي جي گهر تي به ڇاپو

Read Next

روس جي ڪيميڪل پلانٽ ۾ ڌماڪو، 16 ڄڻا فوت

Most Popular