منشيات ڪيس ۾ اداڪارا آننيا پانڊي جي گهر تي به ڇاپو

ڀارتي نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) اداڪار چنڪي پانڊي جي ڌيءَ اداڪارا آننيا پانڊي جي گهر تي ڇاپو هنيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب خميس جي صبح اداڪار شاهه رخ خان پنهنجي پٽ آريان سان ملاقات لاءِ جيل ويو، جنهن کانپوءِ اين سي بي شاهه رخ ۽ آننيا جي گهر تي ڇاپو هنيو.

رپورٽن موجب اين سي بي اداڪارا کي اڄ طلب به ڪيو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن آريان جي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت ۾ آريان ۽ ان جي ايندڙ فلم جي ساٿي اداڪارا جي واٽس ايپ چيٽ پيش ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ٻنهي منشيات بابت گفتگو ڪئي هئي.

هاڻ ڀارتي ميڊيا ۾ اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ڄاڻايل چيٽ آننيا سان ڪئي وئي هئي، جنهن سبب اڄ سندس رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو ويو.

Read Previous

بنگلاديش ۽ سريلنڪا خطري کان ٻاهر، ورلڊ ڪپ جي سپر 12 ۾ پهچي ويا

Read Next

گوگل ويب برائوزر استعمال ڪندڙ خبردار!

Most Popular