شيخ رشيد جو اربع تائين ڪالعدم تنظيم خلاف ڪيس واپس وٺڻ جو اعلان

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اڱاري يا اربع تائين ڪالعدم تنظيم خلاف ڪيس واپس وٺنداسين.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪالعدم تنظيم جي نمائندن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سعد رضوي سان ون ٽو ون ۽ ميٽنگ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، سومر جي صبح 10 وڳي ڪالعدم تنظيم جا ماڻهو گهرو وزارت ۾ ايندا.

هن چيو ته اڱاري يا اربع تائين ڪالعدم تنظيم خلاف ڪيس واپس وٺنداسين، اهو طئي ٿيو آهي ته حڪومت شيڊيول فور کي به ڏسندي، حڪومت جو ڪم ناهي ته جوڊو ڪراٽو ڪري، ڪا به رياست ڏنڊو هلائڻ ناهي چاهيندي.

سندس چوڻ هو ته مريدڪي ۾ ويٺل ماڻهو اربع تي واپس هليا ويندا پر جي ٽي روڊ تي رنڊڪون برقرار رهنديون، جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنٽينر روڊ ڪناري ڪري ڇڏيو.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته سياسي ورڪر طور سڀني پاڪستاني سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيان، مان ڳالهين جي ٽيم جي سربراهي نه ڪرڻ پئي چاهي،  سعد رضوي اصرار ڪيو ته مان ئي ڪميٽي جي سربراهي ڪيان، تنهن ڪري ڪميٽي ۾ آهيان.

Read Previous

ورلڊ ڪپ جو وڏو مقابلو: پاڪستان جو ڀارت خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو

Read Next

جلسن ۾ ادارن جي سربراهن خلاف نعريبازي قومي مفادن جي خلاف آهي: شهباز شريف

Most Popular