جلسن ۾ ادارن جي سربراهن خلاف نعريبازي قومي مفادن جي خلاف آهي: شهباز شريف

ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته عوامي جلسن ۾ ادارن جي سربراهن خلاف نعريبازي قومي مفادن جي خلاف آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته مهانگائي پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، جنهن خلاف اپوزيشن متحرڪ ٿي چڪي آهي، سڄي ملڪ ۾ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، بيروزگاري عروج تي آهي.

هن چيو ته عوام تي روز روز مهانگائي جا بم ڪيرايا پيا وڃن، اهي ماڻهو چوندا هئا مهانگائي ٿئي ته وزيراعظم چور هوندو آهي، اڄ ماڻهو فاقاڪشي تي مجبور آهن، وزيراعظم هر هنڌ يوٽرن وٺندو آهي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم 80 ڄڻن تي ٻڌل وفد سان گڏ سعودي عرب ويو آهي، ماڻهو حڪومت مان تنگ ٿي چڪا آهن، هاڻ حڪومت جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، عوام انهن کي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهي، اسان جو قافلو نڪري چڪو آهي، حڪومت کي هاڻ وائکو ڪنداسين.

Read Previous

شيخ رشيد جو اربع تائين ڪالعدم تنظيم خلاف ڪيس واپس وٺڻ جو اعلان

Read Next

پاڪ فوج آزمائش جي هر گهڙي ۾ قربانيون ڏنيون: آرمي چيف جون گڏيل قومن جي سالگرهه جي پيغام

Most Popular