![](https://dailyaas.com.pk/wp-content/uploads/2021/10/Turkey-arrests-Mossad-cell_reuters.jpg)
ترڪي جي انٽيلي جنس ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موساد جو نيٽورڪ پڪڙي ورتو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب موساد جو نيٽورڪ ٽن ميمبرن جي 5 مختلف سيلز جي صورت ۾ ڪم ڪري رهيو هو.
نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل جاسوس ترڪي ۾ تعليم هيٺ غير ملڪي شاگردن خاص ڪري مستقبل ۾ دفاعي صنعت ۾ ڪم ڪرڻجو ارادو رکندڙ شاگردن بابت اسرائيلي ڳجهي ايجنسي کي ڄاڻ ڏئي رهيا هئا.
ترڪي جي انٽيلي جنس اطلاعن تي پوليس ۽ دهشتگردي ٽوڙ فورسز 7 آڪٽوبر تي چئن صوبن ۾ ڪاروايون ڪري اسرائيلي نيٽورڪ جي سڀني ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو.