پاڪ فوج آزمائش جي هر گهڙي ۾ قربانيون ڏنيون: آرمي چيف جون گڏيل قومن جي سالگرهه جي پيغام

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته اسان جي جوانن آزمائش جي هر گهڙي ۾ قربانيون ڏنيون آهن.

آءِ ايس پي آر جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري بيان ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان گڏيل قومن جي 76هين سالگرهه تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪ فوج امن لاءِ خدمتن ۾ سدائين اڳڀري رهي آهي، اسان جي جوانن هر آزمائش جي گهڙي ۾ قربانيون ڏنيون آهن.

جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته عالمي امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان جون قربانيون دنيا سامهون آهن، اسان جون قربانيون قائداعظم جي ويزن موجب آهن، اسان جون قربانيون عالمي امن لاءِ اسان جي نه ڊهندڙ عزم جي عڪاسي آهن.

Read Previous

جلسن ۾ ادارن جي سربراهن خلاف نعريبازي قومي مفادن جي خلاف آهي: شهباز شريف

Read Next

ترڪ ڳجهن ادارن اسرائيلي ايجنسي جو نيٽورڪ پڪڙي ورتو

Most Popular