حڪومت جو ڪالعدم ٽي ايل پي کي ڪا رعايت نه ڏيڻ جو فيصلو

وفاقي حڪومت ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي ڪا رعايت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم عمرن خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، گهرو وزير شيخ رشيد، وفاقي وزير نور الحق قادري، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽري پڻ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪالعدم تنظيم سان ڳالهين تي بريفنگ ڏني وئي، ڪالعدم تنظيم جي مطالبن ۽ حڪومتي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، گڏوگڏ وزيراعظم کي واپارين جي احتجاج بابت به آگاهه ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان سميت سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪالعدم ٽي ايل پي کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي.

اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته ڪالعدم ٽي ايل پي پنهنجي پوزيشن ڇڏي احتجاج ختم ڪندي ته ئي ان سان ڳالهيون ڪيون وينديون، گهرو وزير ٽي ايل پي کي رستو ڪليئر ڪرڻ ۽ احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ چوندو.

Read Previous

ڪراچي وارن کي ڪرنٽ، نيپرا بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

Read Next

عدنان صديقي کي به مهانگائي جي ڳڻتي، غريبن جو خيال رکڻ جي درخواست

Most Popular