ڪراچي وارن کي ڪرنٽ، نيپرا بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي.

نيپرا 2 سيپٽمبر 2021 تي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ جي جولاءِ جي ايف سي اي جي مد ۾ 69 پئسا في يونٽ بجلي ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، جيڪا رڳو نومبر جي مهيني جي بلن تي لاڳو ٿيندي.

نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمت ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي سڀني واهپيدارن تي سواءِ لائف لائن واهپيدارن جي لاڳو ٿيندي.

Read Previous

ايئرپورٽ کي کنڊر بڻايو ويو آهي، اتي به شادي هال ٺاهي ڇڏيو: سپريم ڪورٽ

Read Next

حڪومت جو ڪالعدم ٽي ايل پي کي ڪا رعايت نه ڏيڻ جو فيصلو

Most Popular