حڪومت جو ڪالعدم تنظيم جا مطالبا مڃڻ کان انڪار، رياست جي رٽ قائم ڪرڻ جو فصيلو

وفاقي حڪومت ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي احتجاجين کي جي ٽي روڊ تي روڪڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن موجب وزيراعظم کي ٽي ايل پي جي احتجاجي مارچ تي بريفنگ ڏني وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته احتجاج ڪندڙن کي جهلم کان اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته جهلم پل تي رينجرز مقرر ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم ڪالعدم تنظيم جا مطالبا نه مڃڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا رياست جي رٽ قائم رکڻ جو به فيصلو ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت احتجاج ڪندڙن کي جي ٽي روڊ تي روڪڻ جو فيصلو ڪيو ۽ وزيراعظم شهرين جا رستا روڪيندڙن کي سختي سان منهن ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Read Previous

نواز شريف خلاف احتجاج جائز هو ته عمران خان خلاف ناجائز ڪيئن ٿي ويو؟

Read Next

پيٽرول سستو نه پر اڃا مهانگو ٿيندو: اوگرا چيئرمين خبردار ڪري ڇڏيو

Most Popular