نواز شريف خلاف احتجاج جائز هو ته عمران خان خلاف ناجائز ڪيئن ٿي ويو؟

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اهي ماڻهن کي اسلام آباد اچڻ کان روڪي رهيا آهن، نواز شريف خلاف احتجاج جائز هو ته عمران خان خلاف ناجائز ڪيئن ٿي ويو؟

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته احتجاج ٽي ايل پي جو قانوني حق آهي، اڳ ۾ لاهور ۾ انساني حق پامال ڪري تشدد ڪيو ويو، هاڻ وري ظالماڻو تشدد ڪيو پيو وڃي.

هن چيو عمران خان پاڻ ته ڌرڻا ڏيندو آهي پر هاڻ ائين ڇو؟ نواز شريف خلاف احتجاج جائز هو ته عمران خان خلاف ناجائز ڪيئن ٿي ويو؟ اهي ماڻهن کي اسلام آباد اچڻ کان روڪي رهيا آهن، معاملي کي سٺي انداز ۾ قانوني طريقي سان حل ڪيو وڃي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڌانڌلي جي پيداوار حڪومت جي نگراني ۾ مڪاني چونڊون ڪيئن ٿيون قبول ڪري سگهجن؟ اليڪشن ڪميشن چيو ته ووٽرز ويريفڪيشن جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون.

Read Previous

ڪالعدم تنظيم جو اسلام آباد ڏانهن مارچ، جهڙپن ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد

Read Next

حڪومت جو ڪالعدم تنظيم جا مطالبا مڃڻ کان انڪار، رياست جي رٽ قائم ڪرڻ جو فصيلو

Most Popular