![](https://dailyaas.com.pk/wp-content/uploads/2021/10/shah-rukh-khans-son-aryan-khan-detained-by-ncb-in-a-drug-raid-001.jpg)
ممبئي هاءِ ڪورٽ منشيات ڪيس ۾ گرفتار باليووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ آريان خان ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت منشيات ڪيس ۾ گرفتار آريان خان، ارباز مرچنٽ ۽ ساٿي عورت جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عدالتي فيصلو جاري ٿيڻ کانپوءِ ئي جمعي يا ڇنڇر واري ڏهاڙي آريان خان ۽ ٻين جي آزادي جو امڪان آهي.
واضح رهي ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو(اين سي بي) 2 آڪٽوبر تي ممبئي ممبئي جي سامونڊي ڪناري ويجهو هڪ ڪروز شپ تي ڇاپو هڻي منشيات استعمال ڪرڻ جي الزام ۾ آريان خان ۽ ٻين ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو.