ڪالعدم تنظيم جو احتجاج: وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڏائي ورتو

وزيراعظم عمران خان ڪالعدم تنظيم جي احتجاج سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي ڏسندي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو.

قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ اعليٰ عسڪري اختياريون، انٽيليجنس سربراهه، وفاقي وزير ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا.

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري طرفان بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪالعدم جماعت جي سرگرمين سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم عمران خان سڀاڻي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي، اجلاس ۾ قومي سلامتي جي حوالي سان ٻيا معاملا به غور هيٺ ايندا.

Read Previous

وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل جا گرفتاري وارنٽ جاري

Read Next

آريان خان جي ضمانت منظور، گهر ڪڏهن پهچندو؟

Most Popular