ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ حارث رئوف، شاهين آفريدي ۽ محمد رضوان جي ترقي

ڀارت ۽ نيوزيلينڊ خلاف شاندار ڪارڪردگي تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا فاسٽ بالر شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف وڏي ترقي ڪندي ٽاپ 20 بالرن ۾ شامل ٿي ويا آهن.

آءِ سي سي طرفان رانديگرن جي تازي ترين رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ حارث رئوف جي رينڪنگ ۾ واضح بهتري آئي آهي، هو 50هين نمبر تان ترقي ماڻيندي 17هين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته شاهين آفريدي به 11 درجا ترقي ڪندي 23هين کان 12هين نمبر تي اچي ويو آهي.

بيٽنگ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو ٻيو نمبر برقرار آهي، جڏهن ته محمد رضوان 3 درجا ترقي کانپوءِ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.

Read Previous

فيس بوڪ سميت اهم رابطن واري ايپس جا نوان قانون، ٻارن جو استعمال محدود

Read Next

جنسي زيادتي جي جوابدار کي نامرد ڪرڻ جو قانون غير اسلامي قرار

Most Popular