جنسي زيادتي جي جوابدار کي نامرد ڪرڻ جو قانون غير اسلامي قرار

اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو آهي ته جنسي زيادتي جي جوابدار کي نامرد ڪرڻ جو قانون غير اسلامي آهي.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ٻن ڏينهن جي اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ديني مدرسن ۽ يونيورسٽين بابت سامهون ايندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل ديني مدرسن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته وفاق جي تعليمي وزارت ۽ صوبائي وزارتن کي به خط لکيا ويندا، جن ۾ قومي تعليمي ڪانفرنس گهرائڻ جي تجويز ڏني ويندي.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جنسي زيادتي جي جوابدار کي نامرد ڪرڻ جي قانون کي به غير اسلامي قرار ڏنو آهي.

ڪائونسل رويت هلال تي قانون سازي جي بل جي منظوري ڏني، گڏوگڏ تعليمي ادارن ۾ عربي ٻولي جي تعليم لازمي ڪرڻ جي بل 2020 جي به منظوري ڏني وئي ۽ چيو ويو ته عربي ٻولي جي تدريس لاءِ قدم کڻڻ ديني ۽ آئيني تقاضو آهي.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل موجب فارسي، ترڪي ۽ چيني ٻولين کي به نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي.

Read Previous

ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ حارث رئوف، شاهين آفريدي ۽ محمد رضوان جي ترقي

Read Next

والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاري تي آمريڪا کي ڪاوڙ

Most Popular