پنوعاقل امدادي پئسن مان پنج سئو کان ھزار تائين سرعام ڪٽوتي جاري،لاڳاپيل انتظاميه بلڪل خاموش

پنوعاقل( رپورٽ طفيل آفتاب ڪورائي)

پنوعاقل امدادي پئسن مان پنج سئو کان ھزار تائين سرعام ڪٽوتي جاري،لاڳاپيل انتظاميه بلڪل خاموش
اسان وزٽ ڪيون ٿا ان دوران ڪو به ڪٽوتي نه ٿو ڪري باقي وڃڻ کان پوء ڪٽوتي جو شڪايتون اچن ٿيون، خبر موجب پنوعاقل۾ عورتن کي ملندڙ احساس امدادي فنڊ مان سرعام ڪٽوتي جاري آهي،پنوعاقل جي ڊگري ڪاليج ۽ ھائي اسڪول سينٽر تي اٻوجھ عورتن جا پئسا ڪٽيا پيا وڃن ان سلسلي ۾ وزٽ تي آيل احساس پروگرام جي ٽيم چيڪنگ ڪئي ڪيتريون ئي شڪايتون مليون بعد ۾ ايجنٽن ڪم جي رفتار کي آھستي ڪندي مختلف سبب ٻڌائيندي عورتن کي واپس ڪندا رھيا ٽيم جي واپسي وڃڻ کان پوء وري ٻيھر ڪم شروع ڪيو ويو جنھن ۾ ٻيھر ڪٽوتي جو سلسلو جاري ٿيو ،اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٻڌايو ته اسان کي شڪايتون ملڻ ٿيون ڪاروائي ڪرڻ لاء پھچون ٿا ته ڪٽوتي بند ڪري ڇڏين ٿا بعد ۾ ڪٽوتي ڪن ٿا ته ماڻھو شڪايتون کڻي اچن ٿا ھاڻي جيڪو لکت ۾ شڪايت کڻي ايندو ان ايجنٽ جي ڊوائيسز بند ڪئي ويندي،ٻئي طرف ميڊيا جي ٽيم امدادي سينٽرن تي پھتي تہ ايجنٽن مختلف جواز ڄاڻيندا رھيا ته مشين نه ٿي ھلي،نيٽورڪ خراب آ تنھنجي جي ڪري ڪم بند آھي

Read Previous

والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاري تي آمريڪا کي ڪاوڙ

Read Next

ڪراچي: تجوري هائيٽس ڪيرائڻ لاءِ چئن هفتن جي مهلت

Most Popular