ڪراچي: تجوري هائيٽس ڪيرائڻ لاءِ چئن هفتن جي مهلت

سپريم ڪورٽ ريلوي جي زمين تي قائم بلڊنگ تجوري هائيٽس کي ڪيرائڻ لاءِ چئن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ريلوي جي زمين تي قائم ٿيل تجوري هائيٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ تجوري هائيٽس جي بلڊر جو وڪيل رضا رباني عدالت ۾ پيش ٿيو.

رضا رباني عدالت کي چيو ته بلڊر تجوري هائيٽس جي عمارت ڪيرائڻ تي راضي آهي پر مناسب وقت ڏنو وڃي جنهن تي چيف جسٽس پاڪستان چيو ته ٻن هفتن جي مهلت ڏئي رهيا آهيون تجوري هائيٽس ڪيرائي وڃي جنهن تي هن چيو ته ٻن هفتن جو وقت تمام ٿورو آهي.

عدالت وڪيل جي اپيل تي بلڊنگ کي ڊاهڻ لاءِ چئن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي متاثرن کي ٽن مهينن تائين رقم واپس ڪرڻ جو حڪم به ڏنو.

عدالت جو چوڻ هو ته ڪمشنر ڪراچي ڊيموليشن جي عمل جي نگراني ڪري، سمورو رڪارڊ درخواستگذارن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ ان جي فهرست به ٺاهي وڃي جڏهن ته سامان جي فهرست ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ سان گڏ پيش ڪئي وڃي.

Read Previous

پنوعاقل امدادي پئسن مان پنج سئو کان ھزار تائين سرعام ڪٽوتي جاري،لاڳاپيل انتظاميه بلڪل خاموش

Read Next

عبدالقدوس بزنجو بنا مقابلي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجي ويو

Most Popular