ايران جوهري ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ راضي

ايران جوهري ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو.

ايران جي ڳالهين لاءِ نمائندي علي باقري يورپي يونين جي اعليٰ اهلڪار اينرڪ مورا سان برسلز ۾ ملاقات کانپوءِ ٻڌايو ته جوهري ڳالهين لاءِ حتمي تاريخ جو اعلان ايندڙ هفتي ڪيو ويندو.

واضح رهي ته هلندڙ سال آگسٽ ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ 2015 جي جوهري معاهدي جي بحالي بابت ڳالهه ٻولهه معطلي جو شڪار آهي.

ايراني اختيارين اربع ڏينهن واضح ڪيو هو ته اهي نومبر جي آخر تائين ڳالهه ٻولهه ٻيهر شروع ڪندا.

هوڏانهن ايران جي اعلان تي آمريڪا شڪ شبهن جو اظهار ڪندي تهران حڪومت کي نيڪ نيتي جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي.

Read Previous

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ويسٽ انڊيز جو بنگلاديش کي 143 رنسن جو هدف

Read Next

سلمان خان ڏکئي وقت ۾ شاهه رخ سان گڏ

Most Popular